اسلام آباد – 10 – جنوري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي ب??تر آهي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن اچڻ معمول جو حصو آهي. اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۾ صحافين ??ان ڳ??له??ئيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته نگران ڪابينا جي پهرين اجلاس کانپوءِ مسلسل اليڪشن ڪميشن ??ان رابطي ۾ آهيون، اليڪشن ڪيمشن ??ان روزاني جي ب??ياد تي رابطو ٿئي ٿو، اليڪشن ڪميشن اچڻ معمول جي رابطي جو حصو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته منهنجي چيف اليڪشن ڪمشنر ??ان ڪا ملاقات ناهي ٿي. سيڪيورٽي صورتحال جي حوالي ??ان سوال تي هن چيو ته پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي ب??تر آهي، سيڪيورٽي صورتحال ۾ وڌيڪ بهتري آڻينداسين، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون. چونڊن جي ڪوريج جي لاءِ فارن ميڊيا جي پاڪستان اچڻ جي حوالي ??ان سوال جي جواب ۾ اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته اها معلومات پرڏيهي وزارت ۽ ا??يڪشن ڪميشن آف پاڪستان فراهم ڪندا. سياسي پارٽين جي سرگرمين جي شروعات بابت سوال تي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته سياسي پارٽين جي اميدوارن جي اعلان کانپوءِ چونڊ سرگرمين جي باقاعده شروعات ٿيندي، سموريون پارٽيون پنهنجي چونڊ سرگرمين جي شروعات ڪري رهيون آهن، 15 جنوري کان مسلم ليگ (ن) به جلسن جو اعلان ڪيو آهي، ان کانپوءِ چونڊ سرگرمين ۾ وڌيڪ تيزي ايندي. سوشل ميڊيا پليٽ فارمز ۾ فني خرابي بابت سوال جي جواب ۾ نگران وفاقي وزير چيو ته نگران حڪومت کان اڳ ۾ به اهڙا فني مسئلا ايندا رهيا آهن، تازو ئي انٽرنيٽ جي خرابي جو سبب فني مسئلو هو، ان جو سياست ??ان ڪو تعلق نه آهي، ان حوالي ??ان وڌيڪ تفصيل پي ٽي اي کان معلومات ڪري سگهجن ٿا. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته گهرو وزارت جو قلمدان نگران وزيراعظم وٽ آهي، رولز آف بزنس تحت جڏهن ڪو وزير ناهي هوندو ته لاڳاپيل وزارت وزيراعظم وٽ هوندي آهي.
پاڪستان ۾ خراب ترين حالتن ۾ به چونڊون ٿيون آهن، موجوده صورتحال 2008ع ۽ 2013ع کان تمام گهڻي بهتر آهي، چونڊون 8 فيبروري 2024ع تي ٿينديون: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت