دبئي – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذري??ي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پا??ان جاري بيان موجب نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ دبئي ۾ 28 هين ڪانفرنس آف پارٽيز (ڪوپ – 28) جي ??وق??ي تي نيڌرلينڊ جي وزيراعظم مارڪ روٽي سان م??اق??ت ڪئي. نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي ??وق??ي تي ٿيندڙ م??اق??ت کانپوءِ ٻنهي اڳواڻن جي اها ٻي م??اق??ت هئي. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن ۽ افغانستان جي صورتحال سميت گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن غزه ۾ خراب ٿيندڙ انساني حقن جي صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي سربراهن هن سال ٻنهي ملڪن جي سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جا 75 سال مڪمل ٿيڻ تي اسلام آباد ۽ دي هيگ ۾ منعقد ٿيندڙ تقريبن کي ساراهيو. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ۽ نيڌرلينڊ کي گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ٻطرفي ۽ يورپي يونين جي ذري??ي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. هن ڊچ ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ هالينڊ جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ اضافي جي رفتار تي اطمينان جو اظهار ڪيو. نگ??ان وزيراعظم ڪوپ – 28 جي حوالي سان بهتر نتيجن جي اميد جو اظهار ڪيو. هن چيو ته گهٽ ڪاربن خارج ڪندڙ ملڪن مان هڪ هجڻ جي باوجود پاڪستان موسمياتي تبديلي جي خطرن جو شڪار آهي. نگ??ان وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ نيڌرلينڊ جي وزيراعظم کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران نيڌرلينڊ جي ڪمپنين کي زراعت، باغباني، پاڻي جي انتظام ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت
مضمون کا ماخذ : لاٹری آن لائن خریداری