اسلام آباد – 22 – جون (اي پي پي) پاڪستان چيو آهي ته هُو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ??راردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي ??نصفاڻي ۽ پرامن حل جي ??اءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آ??يس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته هلندڙ هفتي جي شروع ۾ عالمي برادري پناهگيرن جو ??المي ڏهاڙو ملهايو. اهو ڏينهن ڪشميرين جي ??صيبتن جي ??اد ڏياري ٿو جن کي پنهنجي سرزمين تان بيدخل ڪري جلاوطني جي زندگي گذارڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي تشدد، ظلم ۽ ڏاڍ ۽ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کان ڀڄڻ تي مجبور ڪيو ويو. ڄمون ۽ ڪشمير جا هزارين ماڻهو بي گهر زندگي گذاري رهيا آهن ۽ پنهنجي ??طن واپس وڃڻ کان قاصر آهن. ترجمان چيو ته ڀارت کي پنهنجي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ خوف، ظلم ۽ ڏاڍ جي ??احول کي ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ڪشميري عوام جي زندگين ۾ امن آڻڻ گهرجي.
پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ ڪشميرين جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو: پرڏيهي آفيس
مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável