مونٽريال- 07 ڊسمبر (اي پي پي) گڏيل قومن جي سيڪريٽري ??نرل انتونيو گوتريش خبردار ڪيو آهي ته ڪاروباري منافعي لاءِ ماحوليات سان کيڏڻ تبا??ه ڪُن آهي. فرانسيسي خابرو اداري مطابق مونٽريال ۾ حياتياتي موضوع تي مذاڪري کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي سيڪريٽري ??نرل چيو ته اسان جي بي قابو ۽ غير مساوي معاشي ترقيءَ جي بُک انسانيت کي ڌُٻڻ جي دروازي تي آڻي بيهاريو آهي. هن انهن وڏن ڪاروبار ادارن کي تنقيد جو نشانو بنايو جيڪي پنهنجي منافعي لاءِ سڀ ڪج??ه ڪري ??هيا آهن، جن سان ڪائنات جو توازن بگڙي رهيو آهي. هن وقت جانورن جا 10 لک قسم ختم ٿيڻ جي خطري ۾ ورتل آهن، هڪ ڀاڱي ٽي حصو زمين جو معيار خراب ٿيو آهي ۽ تيزيءَ سان زرخيزي وڃائي رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان نيچر کي هڪ ٽوائليٽ طور ا??تع??ال ڪري ??هيا آهيون. ڪيميڪلز، پلاسٽڪ ۽ فضائي گدلاڻ انسانيت کي شديد خطرن جي گه??ري ۾ آڻي ڇڏيو آهي. واضح رهي ته 7 کان 19 ڊسمبر تائين ٿيندڙ ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ 200 جي لڳ ڀڳ ملڪن جا نمائندا گڏ ٿيا آهن ۽ ماحولياتي بهتريءَ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ادا ڪري ??هيا آهن. پرتگال جي اڳوڻي وزيراعظم انتونيو گوتريش 2017ع ۾ گڏيل قومن جو عهدو سنڀالڻ کان وٺي هن وقت تائين موسمياتي تبديليءَ جي ماحول جي تحفظ تي تمام گهڻو زور ڏيندو رهيو آهي.
ڪاروباري منافعي لاءِ ماحوليات سان کيڏڻ تباهه ڪُن آهي: گڏيل قومون
مضمون کا ماخذ : ڈریگن اسپن