اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري آهي، هيستائين 123 اڏامون متاث??ين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جار?? انگن اکرن موجب ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ هيستائين گڏيل عرب ام??را?? مان 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن وا??ي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب ام??را?? مان هلائڻ واريون 13 اڏامون، ترڪمانستان مان هڪ، اردن جي هڪ، خوراڪ جي عالمي اداري جون 3، آمريڪا جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 8، روس جي هڪ، يونان جي هڪ ۽ سعودي عرب جون 5 اڏامون امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتيون آهن. ان کانسواءِ ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان ٻين رستين ذريعي به امدادي سامان پهتو آهي. ايران جي حلال احمر پاڪستان کي ٽرڪن ذريعي 100 ٽن امدادي سامان موڪليو آهي، جڏهن ته ان کانسواءِ ترڪيه 3 ريل گاڏين جي ذريعي امدادي سامان پاڪستان موڪليو آهي. ان کانسواءِ ترڪيه جي حلال احمر 2 ٽرڪن ذريعي امدادي سامان موڪليو آهي. تاجڪستان 87 ٽرڪن ذريعي ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ امدادي سامان موڪليو آهي. عمان مان ٻوڏ متاث??ين جي لاءِ هڪ سامونڊي جهاز به امدادي سامان کڻي پاڪستان پهتو آهي.
ٻاهرئين ملڪن مان امدادي اڏامن جي آمد جاري، هيستائين 123 اڏامون متاثرين جي لاءِ امدادي سامان کڻي پهچي چُڪيُون
مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز