اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ (سي ايڇ ايس) جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ 15 ۽ 16 سيپٽمبر 2022ع تي ثمرقند، ازبڪستان جو ??ورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جمهوريه ازبڪستان جي صدر شوڪت مرزيوئيف جي دعوت تي ايس سي او – سي ايڇ ايس ۾ شرڪت ڪري رهيو آهي جيڪو ان اجلاس جي صدارت ڪندو. اجلاس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ۽ مبصر ملڪن جي سربراهن سا?? گڏوگڏ ايس سي او تنظيمن جا سربراهه ۽ ٻيا خاص مهمان شرڪت ڪندا. شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊ آف اسٽيٽ ڪائونسل جو ??ڀ کان اعليٰ فورم آهي جيڪو تنظيم جي حڪمت عملي، مستقبل ۽ ترجيحن تي غور ۽ انهن جي وضاحت ڪري ٿو. سي ايڇ ايس ۾ ايس سي او جا اڳواڻ مو??مي??تي تبديلي، فوڊ سيڪيورٽي انرجي سيڪيورٽي ۽ پائيدار سپلائي چين ??مي?? اهم عالمي ۽ علائقائي مسئلن تي غور ڪندا. اجلاس ۾ اهڙن معاهدن ۽ دستاويزن جي به منظوري ڏني ويندي جيڪي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ۾ تعاون جي مستقبل جي رخ جو ??عين ڪندا. سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانسواءِ وزيراعظم سي ايڇ ايس جي سائيڊ لائينز تي ٻين شريڪ اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون ڪندو. شنگهائي تعاون تنظيم ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي هڪ اهم بين علائقائي تنظيم آهي. 2001ع ۾ قائم ٿيندڙ ايس سي او شنگهائي اسپرٽ ۾ لکيل قدرن ۽ اصولن کي برقرار رکي ٿي جنهن ۾ گڏيل اعتماد، گڏيل فائدي ?? گڏيل ترقي حاصل ڪرڻ شامل آهي. مجموعي طور تي ايس سي او جا ميمبر ملڪ دنيا جي اٽڪل اڌ آبادي ?? عالمي اقتصادي پيداوار جو چوٿون حصو آهن. امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۽ اقتصادي، واپاري ۽ ثقافتي شعبن ۾ بهتر رابطن جي ڳولا جي ايس سي او جي ايجنڊا، اقتصادي رابطن ک?? وڌائڻ سا?? گڏوگڏ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي پنهنجي ويزن سان هم آهنگ آهي. 2017ع ۾ ايس سي او جو مڪمل ميمبر بڻجڻ کانپوءِ کان پاڪستان ايس سي او جي مختلف مڪينزم ۾ پنهنجي شرڪت ذريعي تنظيم جي بنيادي مقصدن کي اڳت?? وڌائڻ جي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
وزيراعظم ايس سي او جي سي ايڇ ايس جي سالياني اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ازبڪستان جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : رومن دولت