اسلام آباد – 20 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چ??و آهي ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبو ملڪ جي لاءِ اهم آهن، منصوبن جا هدف مقرر ڪيل مدي ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، پنجاب حڪومت ا??هن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري، وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم جي صدارت هيٺ راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان جائزي اجلاس ٿيو ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبا ملڪ جي لاءِ اهم آهن، حڪومت ڪ??هن ذاتي مفاد لاءِ نه پر عوامي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهي آهي، وزيراعظم چيو ته اهو منصوبو لاهور ۾ تنگي ۽ آلودگي کي گهٽ ڪرڻ لاءِ ضروري آهي، منصوبن جا هدف مقرر وقت ۾ پورا نه ڪندڙ اهلڪارن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. وزيراعظم چيو ته اسان جي حڪومت تعمي??ات جا تاريخ ساز منصوبا شروع ڪيا، ج??هن جي طرف گذريل 20 سالن ۾ ڪ??هن به حڪومت ڌيان نه ڏنو، پارڪس، ڪچري کي ٺڪاڻي لڳائڻ، صاف توانائي ۽ عالمي معيار ا??هن منصوبن کي ماحول دوست ٺاهيندو، وزيراعظم هدايت ڪئي ته پنجاب حڪومت ا??هن منصوبن جي خلاف التوا واري ڪيسن جي موثر پيروي ڪري.
راوي اربن ڊولپمينٽ ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبو ملڪ جي لاءِ اهم آهن: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن