اسلام آباد – 18 جون (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي سينيٽر اعجاز چوڌري چيو آهي ته موجوده حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن، ماضي ۾ زرعي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو، نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بي گهر ماڻهن کي گهر فراهم ڪرڻ لاءِ بهترين اسڪيم آهي، وزيراعظم عمران خان وزيراعظم هائوس ۽ وزيراعظم آفيس جي خرچن ۾ ڪفايت شعاري ج?? ذريعي وڏي رقم جي بچت ڪئي آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ايندڙ مالي سال 22 -2021ع جي بجيٽ تي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ملڪ جي 65 کان 70 سيڪڙو آبادي زراعت سان لاڳاپيل آهي، اڳوڻين حڪومتن زرعي شعبي ۽ ??ڌا??ن تي ڪ?? به ڌيان نه ڏنو، موجوده حڪومت جي قدمن جي ڪري ٽن سالن ۾ آبادگارن کي هر فصل ۾ منافع آهي، هاڻي 90 سيڪڙو آبادگار بنا وياج قرض حاصل ڪري سگهندا، ٽريڪٽر ۽ ٻين زرعي اوزارن تي به بنا وياج قرض فراهم ڪيو پيو وڃي، آبادگارن کي انهن جي فصل جي بهتر معاوضي ۽ محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪميونٽي اس??وريج جو تصور پيش ڪيو ويو آهي، بجيٽ ۾ 12 ارب روپيا زرعي ضرورتن لاءِ رکيا ويا آهن، هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم بي گهر ماڻهن کي ڇت فراهم ڪرڻ جو منصوبو آهي جنهن ۾ 300 ارب روپين جي سيڙپڪاري ٿيندي ۽ 20 لک ر??پيا قرض 3 کان 5 سيڪڙو جي شرح تي حاصل ڪري سگهجي ٿو، ٽي لک ر??پيا حڪومت سبسڊي ڏيندي.
حڪومت پهريون ڀيرو زرعي شعبي جي بهتري لاءِ قدم کنيا آهن: سينيٽر اعجاز چوڌري
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania