اسلام آباد – 23 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ڪشمير مسئل?? کي منظم انداز ۾ اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميري عو??م سان يڪجهت?? جي اظهار لاءِ 25 هين جنوري کان قومي ۽ عالمي سطح تي مختلف تقريبن جو اعلان ڪندي چيو آهي ته چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو، ڀارت ڪشمير جي گڏيل حل کان ڀڄڻ چاهي ٿو، ڀارت جي سمورين ڪوششن باوجود ڪشمير مسئلو ٻه ڀيرا سلامتي ڪائونسل ۽ ٻه ڀيرا آمريڪي ڪانگريس ۾ بحث هيٺ آيو، ڀارت طرفان جعلي آپريشن جو به خدشو آهي، ڀارت پوري خط?? کي خطرن جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي. پرڏيهي وزارت ۾ مواصلات واري وفاقي وزير مراد سعيد، اطلاعات ۽ نشريات جي خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ ۽ سينيٽر فيصل جاويد سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي پرڏيهي وزير چيو ته 5 آگسٽ جي ڀارتي هڪطرفي قدم کانپوءِ والاريل ڪشمير ۾ 80 لک کان وڌيڪ ڪشميري قيد آهن، خط?? جي امن کي داءُ تي لڳايو پيو وڃي، 175 ڏينهن کان ڪشمير ۾ ڪرفيو جاري آهي ۽ سمورا بنيادي انساني حق معطل آهن، هن چيو ته 5 آگسٽ ??انپوءِ اسان سنجيدگي سان ڏٺو ته حالتون ??يز?? سان بگڙجي رهيون آهن، ڀارت پوري ڪوشش ڪئي ته معاملو سلامتي ڪائونسل ۾ بحث هيٺ نه آڻي سگهجي پر 50 سالن کانپوءِ اسان ان مسئل?? کي سلامتي ڪائونسل کڻي وياسين ۽ موجوده حڪومت جي ڪوششن سان ڪشمير جو تڪرار سلامتي ڪائونسل ۾ ٻه ڀيرا ۽ آمريڪي ڪانگريس ۾ به ٻه ڀيرا بحث هيٺ آيو.
چئلينجن جي باوجود پاڪستان ڪشميرين جو ڪيس عالمي سطح تي موثر انداز ۾ وڙهندو رهندو: پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن