چنگ ڊاو – 08 جون (اي پي پي) صدر ممنون حسين شنگهائي تعاون تنظيم (اي?? سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين جي چئن ڏينهن جي دوري تي پهچي ويو آهي، آمد تي چين جي نائب پرڏيهي وزير ڪانگ شوانگ يو ۽ صوبي شان دائونگ جي وائس گورنر اي??ونگ سندس استقبال ڪيو. پرڏيهي معاملن واري سيڪريٽري تهمينه جنجوعه ۽ چين ۾ پاڪستان جو سفير مسعود خالد به ان موقعي تي موجود هئا، چيني هٿياربند فوج جي دستي صدر کي گارڊ آف آنر پيش ڪيو جڏهن ته رواي??ي لباس پاتل ٻن ٻارن کيس گلدستو به پيش ڪيو. صدر اڄ ڇنڇر ڏينهن شنگهائي تعاون تنظيم (اي?? سي او) جي 18 هين سربراهه اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. ڪانفرنس 9 ۽ 10 جون تي چين جي ساحلي ۽ صنعتي شهر چنگ ڊائو ۾ ٿي رهي آهي، اي?? سي او ۾ پاڪستان جي شموليت کانپوءِ هي پهرين سربراهه ڪانفرنس آهي، صدر کي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت چين جي صدر شي جن پنگ ڏني هئي.
صدر شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ چين پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش