مڪه المڪرمه-18 جون (اي پي پي) سعودي اختيارين چيو آهي، ته هلندڙ سال حج جي سيزن دوران حاجين ۾ ڪنهن به قسم جي ڪا انفيڪشن واري بيماري رڪارڊ نه ڪئي وئي. هڪ بيان ۾ سعودي صحت واري وزارت جي اختيارين جو چوڻ هو ته حج موسم دوران طبي عملي مڪمل طبي نگهداشت فراهم ڪرڻ واريون پنهنجون سموريون امڪاني ڪوششون جاري رکيون. نائب وزير ڊاڪٽر هاني جوخدار چيو آهي ته حاجي سڳورن ۾ اڃا تا??ين ڪنهن به قسم جي انفيڪشن واري بيماري رڪارڊ ناهي ڪئي وئي. سعودي صحت واري وزارت واضح ڪيو آهي ته هو طبي ۽ انتظامي عملي، صحت جي سهولتن، مڪي پاڪ، مديني شريف ۽ مقدس هنڌن تي قائم ڪ??ل مرڪزن ذريعي حاجي سڳورن کي اعليٰ صحت جي سار سنڀال فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن. پهرين ذي القعد کا?? 8 ذي الحج تا??ين اٽڪل 93000 حاجي سڳورن صحت مرڪز طرفان فراهم ڪ??ل مختلف صحت جي خدمتن مان فائدو کنيو. صحت واري وزارت وضاحت ڪئي ته طبي عملي کي فراهم ڪ??ل صحت جي خدمتن ۾ طبي ۽ خاص ڪلينڪون، فارميسيون، ڊائيلسز سينٽرز، انتهائي نگهداشت جي ڪمرن ۽ آئسوليشن يونٽس تي ٻڌل آهن. هلندڙ حج سيزن ۾ هن وقت تا??ين 19 اوپن هارٽ سرجريز، 218 ڪارڊيڪ ڪيٿيٽرائيزيشنز ۽ 676 ڊ??ئي??اسز پراسس ڪيا ويا.
هلندڙ سال حج دوران حاجي سڳورا انفيڪشن وارين بيمارين کان محفوظ رهيا: سعودي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea