جنيوا _ 22 مئي (اي پي پي ) عالمي صحت واري اداري جي سربراهه ٽيڊروس ايڊهنوم گيبريس چيو آهي ته غزه ۾ اسرائيل طرفان امدادي سامان ۽ خاص طورتي طبي شين جي ترسيل تي لاڳو پابندين کي ختم ڪري رفع راهداري جي رستي دوائن ۽ ط??ي اوزارن جي غزه تائين رسائي ممڪن بڻائي وڃي . العربيه اردو مطابق هن جنيوا ۾ نيوز ڪانفرنس سان خطاب ڪندي ??يو ته هڪ طرف غزه جي م??ڻه?? کي غذائي شين ۽ ??ور??ڪ جي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ٻئي پاسي طبي ضرورتون به دستياب ناهن ڇو ته ان جي ترسيل ۾ اسرائيل رڪاوٽ آهي . عالمي صحت واري اداري جي سربراهه اسرائيل کان مطالبو ڪيو ته هو رڪاوٽن کي ختم ڪري ۽ غزه ۾ امدادي سامان خاص طورتي طبي سامان جي منتقلي ممڪن بڻائي . ڇو ته غزه ۾ امداد ۽ ط??ي امداد جي ترسيل سان اتان جي آبادي جي زندگي بچائڻ مشڪل ناهي پر ان کي ناممڪن بڻايو ويو آهي .
مضمون کا ماخذ : اسرار ریلز