مظفر آباد – 04 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ??الاريل ڪشمير جي عوام جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندي ۽ ڪشمير م??ئل?? جي حل لاءِ هر سطح تي ڪوششون جاري رکيون وينديون. ڪل جماعتي ڪانفرنس جي نمائندن سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته هو پاڻ ۽ ڪابينا ميمبر ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ آزاد ڪشمير آيا آهن، هن چيو ته وفاقي ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ والاريل ڪشمير جي عوام تي ڀارتي فوج ??ي ظلم ۽ بربريت تي شديد غم ۽ غصي جو اظهار ڪيو ويو. وزيراعظم حريت نمائندن کي ٻڌايو ته ڪابينا جي خصوصي اجلاس ۾ ڀارتي فوج ??ي ظلم ۽ جبر جي شديد مذمت ڪئي وئي.
مضمون کا ماخذ : لاتعداد وشال پانڈا