اسلام آباد – 18 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد چيو آهي ته حرمين الشريفين طرف بري نظر سان ڏسندڙن کان وڏو شيطان ۽ انهن کان وڌيڪ ڪنڪڙي?? جو مستحق ڪير نه آهي. هو هتي پاڪستان علماءِ ڪائونسل جي اهتمام هيٺ ندائي امت ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. ڪانفرنس ۾ س??ودي عرب، فلسطين، اردن، يمن جي سفيرن، عالم سڳورن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي جن ڪو??يٽ?? دهشتگردي ۽ سعودي عرب ۾ دهشتگرد حملن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته پاڪستان علماءِ ڪائونسل پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسلمانن جي ٿورن جي مستحق آهي جن امن جي سوچ کي وٺي دنيا ۾ اسلام جي اصل تشخص کي اجاگر ڪيو ۽ ان سو?? جو رستو روڪيو جنهن ذريعي دهشتگرد زبان بدران هٿيار کڻي محبت بدران نفرت ۽ امن بدران فساد پکيڙي منهنجي ۽ توهان جي دين کي بدنام ڪري رهيا هئا.
حرمين الشريفين طرف بري نظر رکندڙ سڀ کان وڏو شيطان آهي: پرويز رشيد
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے نتائج