واشنگٽن-06 جون (اي پي پي) آمريڪي جاچ اداري ايف بي آءِ چي?? آهي ته آمريڪا ۾ ماسڪو ڪي ڪنسرٽ هال جهڙن حملن جا خطرا وڌي رهيا آهن. ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪرسٽوفرر سينيٽ جي ذيلي ڪميٽي کي ٻڌايو ته انهن خطرن سبب اداري کي وڌيڪ فنڊن جي ضرورت آهي. هن چي?? ته رپورٽن موجب غزه ۾ آمريڪي فوجي ڪارروائي جي شروعات سان ڪيترائي ماڻهو آمريڪا ۽ ان جي اتحادين خلاف حملن جي حمايت ڪري رهيا آهن. هن چي?? ته اسان جي ڳڻتي اها رهي آهي ته ماڻهو يا ننڍا گروه وچ اوڀر ۾ ٿيندڙ واقعن کان متاثر ٿي هتان گهرن تي حملا ڪندا. هن ٻڌايو ته غزه ۾ جنگ جي شروعات کانپوءِ آمريڪا ۾ رهندڙ يهودي ڪميونٽي لاءِ خطرن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. انگن اکرن موجب 7 آڪٽوبر کان پوءِ شروعاتي چئن مهينن ۾ نفرت تي ٻڌل ڏوهن ۾ 60 سيڪڙو جو نمايان اضافو ٿيو.جيتوڻيڪ نفرت انگيز ڏوهن ۾ يهودي ڪميونٽي کي نشانو ناهي بڻايو ويو پر ڪجهه ۾ مسلمانن آمريڪين، عر?? آمريڪين ۽ ٻين کي پڻ نشانو بڻايو وي، ??ر وڏي اڪثريت يهودين جي ئي هئي.
آمريڪا ۾ ماسڪو جي ڪنسٽرٽ هال جهڙن حملن جا خطرا وڌي رهيا آهن: ايف بي آءِ
مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز