واشنگٽن – 17 مئي (اي پي پي) آمريڪي رياست ٽيڪساس جي شهر هيوسٽن ۾ شديد طو??ان سبب مختلف واقعن ۾ 4 ڄڻا فوت ٿي ويا. شنهوا مطابق هيوسٽن اختيارين ٻڌايو ته گذريل ڏينهن شديد طو??ان سبب سمورن علائقن ۾ وڏي پيماني تي نقصان پهتو. آمريڪي اليڪٽرڪ ۽ قدرتي گيس ڪمپني سينٽر پوائنٽ مطابق طو??ان سبب اٽڪل 9 لک صارفين بجلي کان محروم ٿي ويا. هيوسٽن ۽ ان جي پسگردائي ۾ وڻ پاڙون پٽجي ويا ۽ بجلي جون تارون ٽٽي پيون. ٽيڪساس جي سڀني کان وڏي اسڪول طو??ان سبب ٿيل نقصان ۽ بجلي جي بندش سبب جمعي تي سموريون ڪلاسون رد ڪري ڇڏيون. فوري طور تي اهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته ماڻهن جون فوتگيون ڪ??ئن ٿيون.
مضمون کا ماخذ : سامرائی کی خوش قسمتی۔