نيويارڪ -19 مارچ (اي پي پي) آمريڪا جي سياحت ڪمپني اسپيس وي آءِ پي خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري ڪري ورتي آهي. اردو نيوز مطابق آمريڪ?? لگزري اسپيس سياحت ڪمپني اسپيس وي آءِ پي انسانن کي اسپيس ۾ وٺي وڃي کاڌو کارائڻ جي آڇ ڪري رهي آهي. رپورٽ مطابق 6 مسافر ان ??شن جو حصو بڻجندا جن کي سمنڊ جي سطح کان ??ڪ ل?? فوٽ بلندي تي وٺي وڃي ڊنر ڪرايو ويندو. مسافرن کي اسپيس تي اسيپڪٽو ڪمپني جي ٺاهيل نيپچيون نالي خاص خلائي ڪيپسول ۾ ويهاري ايئر بيلون ذريعي خلا جي سرحد تائين پهچايو ويندو. ان ايڊونچر جو حصو بڻجندڙ ماڻهن کي خاص مينيو تي مشتمل کاڌو کارائڻ لاءِ مشهور شيف راسمس منڪ جون خدمتون حاصل ڪيون وينديون.نيپچون نالي ان اسپيس شپ کي هائيڊروجن سان ڀريل هڪ خلائي ڦوڪڻو منزل ڏانهن وٺي ويندو جتي مسافر ڪي??رائي ڪلاڪ ترسي کاڌي جو مزو ما??ي سگهن ٿا. 6 ڪلاڪن جي ان سفر لاءِ مسافرن کي ڪنهن به قسم جي تربيت گهربل نه هوندي ۽ انهن لاءِ خاص سوٽ به تيار ڪي?? ويندا جيڪي فرانسيسي فيشن ڪمپني ڊيزائن ڪندي. ان ايڊونچر لا3 ڪي?? به اپلائي ڪري سگهي ٿو جنهن کي ٽڪيٽ جي قيمت 4 لک 95 هزار ڊالرز (13 ڪروڙ پاڪستاني رپين کان ??ڌيڪ) رکي وئي آهي.
آمريڪي سياحتي ڪمپني اسپيس وي آءِ پي پاران خلا ۾ دنيا جي پهرين ڊنر ڪرائڻ جي تياري، ٽڪيٽ 4 لک 95 هزار ڊالر مقرر
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ