نيويارڪ-02 فيبروري(اي پي پي) آمريڪي موسيقار ۽ آرٽسٽ لاري اينڊريسن فسلطين جي حمايت ۾ 2001ع ۾ لکيل هڪ خط تي صحيح ڪرڻ سبب جرمني جي فوڪ وينگ يونيورسٽي آف دي آرٽ ۾ پروفيسر طور مل??زم?? تان هٿ کڻي ورتو آهي. اردو نيوز موجب آمريڪي آرٽسٽ ان خط تي صحيح ??ند??ن ۾ شامل هئي جيڪي 2001ع ۾ فلسطيني فنڪارن ??سل?? عصبيت خلاف لکيو هو ۽ جنهن کانپوءِ اوڀر يروشلم ??ي علائقي شيخ جره ۾ تشدد جي هڪ نئين لهر جنم ورتو هو. يونيورسٽي انتظاميه طرفان جاري ڪيل پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته فوڪ وينگ يونيورسٽي آف دي آرٽ ??ي عمومي فلاسفي ۾ مڪالما، بحث ۽ مباحثا اهم ٿنڀ جي حيثيت رکن ٿا. فنون لطيفه، ثقافت ۽ سائنس اهڙا ميدان هجڻ گهرجن جتي اصولي طور تي مڪالمي جي سرحدون کليل ۽ وسيع هجن تي تڪراري معاملن جي نگراني ٿي سگهي. يهود دشمني، مردم بيزاري يا ??سل?? عصبيت کي يونيورسٽي سختي سان رد ڪري ٿي. واضح رهي ته اينڊرسن 4 فيبروري تي منعقد ٿيندڙ گرامي ايوارڊز ۾ لائف ٽائم اچيومينٽ ايوارڊ حاصل ڪندي.
فلسطين جي حمايت ڪرڻ تي آمريڪي فنڪار جرمن يونيورسٽي جي ملازمت تان هٿ کڻي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : عظیم البینی