واشنگٽن – 24 جولاءِ (اي پي پي) آمريڪا ۾ پاڪستاني سفير مسعود خان تعليم?? پروگرام تحت آمريڪا جو دورو ڪندڙ 25 پاڪستاني شاگردن تي ٻڌل گروپ تي زور ڏنو آهي ته اهي پنهنجي ذهني صلاحيتن کي وسعت ڏيڻ ۽ نئين معلومجات حاصل ڪرن جي لاءِ ان تعليم?? پروگرام کي هڪ موقعي طور استعمال ڪن. اسٽڊي آف يو ايس انسٽيٽيوٽس (ايس يو ايس آئي) پروگرام جو مقصد پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ مختلف ثقافتن وارن ماڻهن جي وچ ۾ هم آهنگي ۽ تعليمي تعاون کي هٿي ڏيڻ آهي. پنجن هفتن تي ٻڌل اهو ساليان?? پروگرام 2010ع ۾ شروع ڪيو ويو، پاڪستاني سفير چيوت ه 1950ع جي ڏهاڪي کان وٺي اڄ تائين تعليم جو شعبو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط ر??بطي جو ذريعو رهيو آهي. هن شاگردن سان ملاقات دوران کين واڌايون ڏيندي چتو ته سندن چونڊ اسان جي لاءِ فخر جهڙي ڳالهه آهي. هن چيو ته اهو معلومات ۽ مهارتن جي مٽاسٽا وارو عمل آهي ۽ اوهان هتان حاصل ٿيندڙ قدر جوڳي معلومات پنهنجي ملڪ کڻي ويندو. هن چيو ته دانشوراڻين صلاحيتن جي ڪا حد نه هوندي آهي، اوهان جنهن ماحول ۾ ڪم ڪندا آهيو، اوهان جا ساٿي اوهان جي تجربي مان سڌي ريت فائدو حاصل ڪندا.
تعليمي پروگرام کي موقعي جي طور تي استعمال ڪريو؛ آمريڪا جو دورو ڪندڙ شاگردن سان پاڪستاني سفير جي ڳالهه ٻولهه
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز