ٽورنٽو -11 سيپٽمبر( اي پي پي )ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ خالصتان ريفنڊم ۾ سکن جي وڏي انگ شرڪت ڪئ?? جڏهن ته ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي 20 سربراهي اجلاس دوران پنهنجي ڪينيڊين هم منصب جسٽن ٽروڊو کي ان جي ملڪ ۾ سکن جي سرگرمين بابت نئين دهلي جي شديد تشويش کان آگاهه ڪيو هيو . ڪشمير ميڊيا سروس موجب خالصتان جي حمايت لاءِ ووٽنگ آچر واري ڏينهن برٽش ڪولمبيا جي صوبي سري ۾ گرونانڪ گوردواري ۾ منعقد ٿي جتي ان جي اڳوڻي صدر هرديو سنگهه نجر کي جون ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو هيو گلوبل ن??وز چينل رپورٽ ڪيو ته خالصتان نواز گروپ سکهه فار جسٽس ( ايس ايف جي ) ريفرنڊم جو اهتمام ڪيو هيو ريفرنڊم100،000 کان به وڌيڪ ماڻهن شرڪت ڪئ?? ايس ايف جي جي ڊائريڪٽر جتندر گريوال وينڪوور ?? قائم نيوز چينل کي ٻڌايو ته ٽرن آئوٽ مان خبر پوي ٿي ته خالصتان جو مسئلو ماڻهن جي ڪنهن خاص گروهه جو مسئلو ناهي بلڪي هڪ سنجيده مسئلو آهي .
ڪينيڊا جي خالصتان ريفرنڊم ۾ دسيون هزار سکن جي شرڪت
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ