اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي شنگهائي تعاون ??نظيم (ايس سي او) جي رابطن جي فروغ جي قدمن جي حمايت ڪندي پاڪ چين اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) کي ايس سي او جي 6 منظور ٿيل رستن ??ان ڳنڍڻ جي آڇ ڪئي آهي جيڪي يورو ايشيا، چين، روس ۽ وچ ايشيا کي عربي سمنڊ ??ان ڳنڍڻ جو هڪ موثر ذريعو بڻجڻ جي صلاحيت ۾ تمام گهڻو اضافو ڪندا. هن اها ڳالهه ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل راشد عليموف ??ان ڳالهائيندي ڪئي جنهن وزيراعظم آف??س ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. پاڪستان کي ايس سي او جي مڪمل ميمبرشپ ملڻ کانپوءِ ايس سي او جي سيڪريٽري جنرل جو اهو پاڪستان جو پهريون ??ورو آهي. وزيراعظم ايس سي او جي ميمبر??پ جي عمل کي اڳتي وڌائڻ جي حوالي ??ان انهن جي حمايت تي سيڪريٽري جنرل جا ٿورا مڃيندي ثقافتي واڌويجهه ۽ گڏيل ترقي جو مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل احترام، مفاد ۽ برابري تي ٻڌل جذبه شنگهائي جي حوالي ??ان پاڪستان جي عزم کي ورجايو.
وزيراعظم پاران شنگهائي تعاون تنظيم جي رابطن جي فروغ جي قدمن جي حمايت
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن