تهران-19 نومبر (اي پي پي) ايران چيو آهي ته اسان جي ائٽمي ٺڪاڻن تي ڪنهن به قسم جي حملي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو .العربيه اردو موجب ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته اسان جي ملڪ پنهنجي مفادن ۽ پر امن ائٽمي صنعت ??ي دفاع لاءِ ضروري قدم کنيا آهن. هن چيو ته گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل جيو ٺهراءُ 533 ائٽمي ٺڪاڻن خلاف ڪنهن به ڌمڪي يا طاقت جي استعمال ڪرڻ کان منع ڪري ٿو، جيڪو عالمي ائٽمي توانائي ايجنسي جي نگراني سان مشروط آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اهو هڪ واضح دستاويز آهي. اهو فيصلو صرف طاقت جي استعمال يا ائٽمي ٺڪاڻن تي حملا روڪڻ تائين محدود ناهي پر ان ۾ مملڪت جي پر امن ائٽمي ٺڪاڻن خلاف طاقت جي استعمال جي خطري کي روڪڻ به شامل آهي. هن چيو ته ان ۾ واضح طور چيو ويو آهي ته گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل اهڙن معاملن ۾ دخل اندازي ڪرڻ جي پابند آهي. هن اعلان ڪيو ته ملڪن جي پر امن ايٽمي ٺڪاڻن کي نشانو بنائڻ وارو ڪو به حملو يا خطرو عالمي امن ۽ سل??متي لاءِ خطرو يا خلاف ??رز?? تصور ڪيو ويندو آهي. اسماعيل بقائي چيو ته ان مسئلي لاءِ مينڊيٽ واضح آهي. گڏيل قومن جي سل??متي ڪائونسل ک?? اهڙن خطرن جي حوالي سان فيصلاتي ۽ واضح موقف اختيار ڪرڻ گهرجي. هن ان ڳالهه طرف اشارو ڪندي چيو ته ايران پنهنجي مفادن ۽ پنهنجي پر امن ايٽمي صنعت ??ي دفاع لاءِ ضروري قدم کنيا آهن. انهن ٺڪاڻن جي خلاف ??رز?? جي ڪنهن به ڪوشش جو ايران جي حقن ۽ فائدن جي تحفظ لاءِ سخت موقف اختيار ڪيو ويندو.
ائٽمي ٺڪاڻن تي ڪنهن به حملي جو فوري ۽ سخت جواب ڏنو ويندو: ايران
مضمون کا ماخذ : بک آف ڈیڈ