رياض-21 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب جي شاهه سلمان امدادي مرڪز غزه پٽي جي متاثرن لاء?? هنگامي بنياد تي گڏيل قومن جي پنهاگيرن واري اداري(اونرا) کي 40 ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي،ميڊيارپورٽن موجب ان حوالي سان ٿيل معاهدي تي شاه سلم??ن مرڪز جي سربراه ڊاڪٽر عبدالله الربيعه ۽ اونرا جي ڪمشنر جنرل فلپ لازاريني وڊيو ڪال دوران صحيح??ن ڪيون، معاهدي هيٺ غزه پٽي جي فلسطينين کي غذائي امداد فراهم ڪئي ??ين??ي جنهن سان 2 لک 50 هزار متاثر فائدو حاصل ڪ??ي سگهندا،جڏهن ته 2 لک ماڻهن تي مشتمل 20 هزار ڪٽنبن کي رهائش ۽ کائڻ پيئڻ جون ضروري شيون فراهم ڪيون ??ين??يون.شاه سلم??ن مرڪز جي سربراه ڊاڪٽر عبدالله الربيعه چيو آهي ته غزه متاثرن جي بنيادي ضرورتن کي پورو ڪرڻ تمام گهڻو ضروري آهي، فلپ لازاريني جو چوڻ هو آهي ته اها امداد سعودي عرب جي ان يڪجهتي جي عڪاسي ڪري ٿي جيڪا سعودي هميشه فلسطينين لاءِ ڏيکاري آهي.
سعودي عرب پاران فلسطينين لاءِ گڏيل قومن جي اداري کي 40 ملين ڊالر امداد ڏيڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ