دوحه – 06 ڊسمبر (اي ??ي ??ي) قطر جي امير تميم بن حماد آل ثاني گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو آهي ته هو غزه ۾ جنگ بندي لاءِ ا??را??يل کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. هن گادي واري شهر دوحه ۾ نار سهڪار ڪائونسل (جي سي سي) جي سربراهي اجلاس کي خطاب دوران عالمي برادري طرفان غزه ۾ جاري جنگ کي روڪڻ واري ??دم?? ۾ ناڪامي کي شرمناڪ قرار ڏنو. قطر جي امير چيو ته اها وڌيڪ شرمناڪ آهي ته عالمي برادري 2 مه??نن کان انتهائي سنگين ڏوهن کي جاري رکڻ جي اجازت ڏنل آهي ۽ هڪ منظم ۽ شعوري انداز ۾ معصوم شهرين جو قتل عام ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ عورتون ۽ ٻارن کي به نشانو بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته عارضي جنگ بندي مستقل بندي جي متبادل نه ٿي سگهي آهي. قطر جي امير چيو ته ا??را??يل غزه تي بمباري دوران سمورا اخلاقي معيارن کي پامال ڪيو آهي، انفراسٽرڪچر کي تباهه ڪيو ۽ انتهائي انساني ضرورتن جي فراهمي کي معطل ڪيو آهي. هن ا??را??يل طرفان شهرين کي نشانو بڻائڻ جو ذڪر ڪندي چيو ته ا??را??يل جي پنهنجي دفاع جو حق ڪنهن صورت ان ڳالهه جي اجازت ناهي ته هو فلسط??نن جي نسل ڪشي ڪري.
سلامتي ڪائونسل غزه ۾ جنگ بندي لاءِ اسرائيل کي ڳالهين جي ميز تي واپس آڻڻ لاءِ ڪردار ادا ڪري: امير قطر
مضمون کا ماخذ : نتیجہ ڈوپلا سینا