جڪارتا- 02 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا جي جزيري ڏکڻ صوبي ايسٽ نوساٽينگارا ۾ خميس ڏينهن صبح سويري 6.1 جي شدت جو زلزلو آيو، زلزلي سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو، جڏهن ته صوبائي گادي واري هنڌ ڪوپانگ ۾ ماڻهو ڊپ وچان گهرن کان ٻاهر نڪري آيا. فرانس جي خابرو ادار?? موجب انڊونيشيا جي جيو فزڪس ايجنسي بي ايم ڪي جي زلزلي جي شدت 6.6 ٻڌائي آهي. آمريڪي جيولوجيڪل سرو?? موجب زلزلو ڪوپانگ شهر ويجهو تيمور جزيري جي اولهه ۾ 36.1 ڪلوميٽري جي گهرائي ۾ آيو، زلزلي سان شهر ۾ ڪجهه عمارتن جا ڇاپڙ ڪريا ۽ ڪجهه ماڻهن پنهنجا گهر خالي ڪري ڇڏيا، ??لزلي جا لوڏا صوبائي گادي واري هنڌ ڪوپانگ کانسواءِ صوبي جي ٻين ڪيترن ئي شهرن ۾ به محسوس ڪيا ويا، مقامي عملدارن موجب زلزلي سان سونامي جو ڪو به انديشو ناهي، زلزلي کانپوءِ گهٽ شدت جا آفٽر شاڪ به محسوس ڪيا ويا.
مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ