مڪو شريف – 27 مارچ (اي پي پي) سع??دي عرب جي اختيارين چيو آهي ته وزٽ ويزا تي ملڪ آيل حج ادا نٿا ڪري سگهن. سع??دي خابرو اداري حج واري وزارت جي بيان جي حوالي ??ان ٻڌاي?? ته پرڏيهه مان آيل ماڻهو حج ويزا تي ئي اچي حج جو فرض ادا ڪري سگهن ٿا، ان کان علاوه ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهي جيڪي رهائشي پرمٽ تي ملڪ ۾ ترسيل آهن، کين پڻ ان ڳالهه جي اجازت ناهي ته اهي حج پرمٽ حاصل ڪرڻ کانسواءِ حج جو فرض ادا ڪن. حج واري وزارت جي قانون مطابق حج پرمٽ ان وقت جاري ڪيو ويندو آهي جڏهن پرڏيهه مان آيل پرڏيهي باقاعده طور حج ويزا تي ملڪ آيو هجي، ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهي حج واري وزارت طرفان منظور ٿيل حج خدمتون فراهم ڪندڙ ڪمپنين ذريعي حج پيڪيج حاصل ڪن، ان کان علاوه حج ڪندڙ غير قانوني تصور ڪيا ويندا.
مضمون کا ماخذ : ایڈونچر کی کتاب