واشنگٽن -30 سيپٽمبر (اي پي پي) وائيٽ هائوس جي قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان جان ڪربي ??يو آهي ته آمريڪا، ايرا?? جي جاري ڪيل بيان کي سنجيدگي سان ٻڌي رهيو آهي ۽ انتظار ڪري رهيو آهي ته ايران ڇا ڪندو . پرڏيهي ميڊيا موجب جان ڪربي انٽرويو ۾ ??يو ته اس??ن لبنان ۾ ايندڙ صحيح قدم بابت اس??ائيل سان ڳالهيون ڪندا رهندا آهيون . آمريڪا ، حزب الله قيادت جو خال ڀرڻ جي ڪوششن کي ڏسڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي. هن ??يو ته حزب الله يا ايران سان جنگ اتر اس??ائيل ۾ آبادي جي حفاظت ۽ انهن کي گهرن ڏانهن واپس موڪلڻ جو رستو ناهي. اس??ائيل جي سلامتي لاءِ آمريڪا جي حمايت ٺوس آهي. ان ۾ ڪا تبديلي نه ايندي. ياد رهي ته ايرا?? جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪ?? تي حسن نصرالله جي قتل ۾ اس??ائيل جو ساٿي هجڻ جو الزام لڳائيندي اهو بيان ڏنو هو ته حسن نصرالله جو قتل بنا ڪنهن رد عمل جي نه ڇڏينداسين. ايرا?? جي پرڏيهي وزير ??يو ته اس??ائيل لبنان ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهيو آهي ان ڪري بي چين آهيون ۽ اس??ائيل کي به سڪون نه ملندو. هن ان ڳالهه جي به تصديق ڪئي ته بيروت ۾ ايراني پاسداران انقلاب جي ڊپٽي ڪمانڊر عباس نيلفروشا?? جي قتل جي ذميواري اس??ائيل تي لاڳو ٿئي ٿي. هن ايراني پاسداران انقلاب جي ڪمانڊر حسين سلامي جي نالي تعزيتي خط ۾ لکيو ته برگيڊيئر جنرل نيلفروشا?? جي قتل جي ڏو??ه جو جواب ورتو ويندو. هن ??يو ته ان سلسلي ۾ کين انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ سمورن سياسي ، سفارتي، قانوني ۽ عالمي فورمن تي آواز اٿاريو ويندو.
ايران جا بيان ٻڌي رهيا آهيون، انتظار ڪري رهيا آهيون ته هو ڇا ڪندو: وائيٽ هائوس
مضمون کا ماخذ : لاٹری کے انعامات