گڏيل قومون -07 مئي (اي پي پي ) گڏيل قومن جي ٻارن جي فنڊ (يونيسيف ) جبري لڏ پلاڻ ۽ حملي خلاف خبردار ڪندي چيو آهي ته غزه جي ڏکڻ پاسي رفع ۾ 6 لک ٻارن لاءِ ڪا به جڳهه م??فوظ ناهي . عرب نيوز موجب يونيسيف هڪ لکت واري بيان ۾ اسرائيلي فوج پاران رفع جي اوڀر پاسي ڪجهه علائقن کي خالي ڪرڻ جي هدايت کان پوءِ جاري ڪيو آهي ته بي گهر فلسطينين کي پن??هه ملي سگهي . بيان ۾ ان ڳالهه جو اشارو ڪيو ويو آهي ته لکين ٻار زخمي ، بيمار ، غذائي کوٽ صدمي جو شڪار ۽ معذوري جي حالت ۾ پنهنجي زندگي گذاري رهيا آهن. يونيسيف ٻارن کي زبردستي بي گهر نه ڪرڻ ۽ بنيادي ڍانچي جي حفاظت جو مطالبو ڪيو آهي . غزه ۾ انساني صورتحال بدتر ٿيندي ٿي وڃي. رفح تي فوجي حملي جا 6 لک ٻارن لاءِ سنگين نتيجا هجڻ تي خبردار ڪندڙ بيان ۾ چيو آهي ته انهن علائقن ۾ ٻارن جو انگ تمام وڌيڪ آهي . بيان ۾ ا ڳالهه تي زور ڏنو ويو آهي ته ان علائقي ۾ 12 لک ماڻهن پن??هه ورتي آهي يوسيف جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل چيو ته رفح هاڻي انهن ٻارن جو شهر آهي جن وٽ غزه ۾ وڃڻ لاءِ ڪا به م??فوظ جڳهه ناهي جيڪڏهن وڏي پيماني تي فوجي آپريشن شروع ٿيندو آهي ته جسماني ۽ ذهني صورتحال جي اعتبار سان مشڪلاتون درپيش ٻار نه صرف تشدد بلڪي افراتفري ۽ خوف حر??س کان به م??اثر ٿيندا بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻن سالن کا?? گهٽ عمر جا 78 هزار ۽ 5 سالن کا?? گهٽ جا هڪ لک 75 هزار ٻار آهن ٻن سالن کا?? گهٽ عمر جا 88 هزار ٻار شديد غزائي کوٽ جو شڪار آهن 65 هزار ٻار معذور آهن سمورن ٻارن کي نفسياتي مدد جي رورت آهي .
غزه ڏکڻ پاسي رفع ۾ 6 لک ٻارن لاءِ ڪا به جڳهه محفوظ ناهي: يونيسف
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا وفاقی