انقره – پهرين اپريل (اي پي پي)ترڪيه جي صدر طيب اردوان مڪاني چونڊن ۾ پنهنجي شڪست تسليم ڪري ورتي آهي. اردو نيوز مطابق صدر طيب اردوان چ??و ته ٻن ڏهاڪن کان اقتدار ۾ رهڻ بعد سندس پارٽي لاءِ ووٽ هڪ ٽرننگ پوائنٽ هو. سڄي ملڪ مان آيل جزوي نتيجن ۾ ريپبلڪن پيپلز پارٽي (سي ايڇ پي) کي رجب طيب اردوان جي جسٽس اينڊ ڊولپمينٽ پارٽي تي واضح برتري حاصل آهي. استنبول جي ميئر ۽ اپوز??شن جي اهم اڳواڻ اڪرم امام اوغلو پنهنجي فت?? جي دعويٰ ڪندي چيو آهي ته اڄ اسان جي ملڪ لاءِ بهار جو نئون ڏينهن آهي. ترڪيه جي اليڪشن ڪم??شن طرفان اڄ حتمي نتيجن جي اعلان جو امڪان آهي.
مضمون کا ماخذ : بونانزا