رياض – 08 مارچ (اي پي پي) سعودي عرب جي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو آهي ته آرامڪو ڪمپني جا 8 سيڪڙو شيئرز حڪومتي ملڪيت کان سعودي ان??يس??منٽ فنڊ جي ماتحت ڪم ڪندڙ ڪمپنين جي ملڪيت ۾ منتقل ڪيا ويا آ??ن. ??عودي پريس ايجنسي مطابق ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته آرامڪو ڪمپني جي شيئرز جي ملڪيت منتقل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي ڪمپني جي ڪل شيئرز ??ان 82.186 سيڪڙو سرڪاري ملڪيت ۾ رهجي ويا آهن. ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان چيو ته آرامڪو ڪمپني جي شيئرز جي ملڪيت جي منتقلي ملڪ جي ڊگهي مدي واري معيشت کي سپورٽ ڪرڻ جي حڪومتي پاليسي جو حصو آهي. هن چيو ته سعودي ان??يس??منٽ فنڊ نون شعبن کي متعارف ڪرائڻ، نيون اقتصادي شراڪتداريون پيدا ڪرڻ، وڌيڪ نوجوانن کي ڀرتي ڪرڻ ۽ کين موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي.
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia